Poor person’s profile ﭼﻨﮭﻨﮉڙﻳﻮن
ﻋﻨﺎﻳﺖ ﻣﻴﻤﮡ
ﺟﻤﻌﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻮ وﺗﺎﻳﻮ ڊﮔﻬﻲ ﻟﭟ ﮬﭣ ۾ ﻋﺠﻴﺐ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭘﻮﺷﺎכ ۽ ﮔﮇھ ﺟﻲ ﻏﺮﻳﺒﺎﮢﻲ ﺳﻮاري ﮬﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎڻ. ﮬﻦ ﺟﻲ ﺟﺒﻲ ۾ اﮘﮍﻳﻦ ﺟﺎ اﻧﺒﺎر اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻨﺪوﮬﻮ ﭴﮡ ﺟﻤﻌﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﮔﻬﻤﻨﺪڙ ﭰﺮﻧﺪڙ ﻛﻨﮭﻦ ﭘﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﺰار ﺟﻮ وڻ ﮬﺠﻲ ﺟﻨﮭﻦ ۾ ﮬﺰارﻳﻦ ﻣﺮادن ﺟﺎ ڌاﮘﺎ ۽ اﮘﮍﻳﻮن ﭔﮅل ﮬﺠﻦ ؟ ﮘﺎﻟﮭﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﮐﺮو ،ﻛﻨﮭﻦ ڏاڍي ﮐﺎن ﻧﻪ ڊﭴﮡ وارو ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ وري ﻛﻨﮭﻦ ﺟﻲ ﻛﺎڻ ﻛﮃڻ وارو ،ﺑﺲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺴﺖ ،ﭼﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﭘﻨﺌﻮن اوﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻴﻮ ﻛﺮڻ وارا ﮀﺎ ﻛﻨﺪا؟ ﺟﻤﻌﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﭘﺎڻ ﭘﻨﻲ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪو ﮬﻴﻮ ،ﭘﺮ ﺧﻮد داري ﮬﻦ ﺟﻲ ﺧﻤﻴﺮ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﮬﺌﻲ ! ﻛﻨﮭﻦ ﭼﻴﺲ :ﺟﻤﻌﺎ ﻓﻘﻴﺮ رﻣﻀﺎن ﺟﻲ ﮬﻦ ﻣﮭﻴﻨﻲ ۾ﺑﻪ واﭘﺎرﻳﻦ ﮐﻲ ﺧﺪا ﺟﻮ ﺧﻮف ﻛﻮﻧﮭﻲ . ڏس ﻛﻴﮇي ﺗﻪ ﻣﮭﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ﻛﺌﻲ اﭤﺎﺋﻮن . ﻛﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﺗﻪ وﻳﭽﺎرو ﻧﻪ ﮐﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﻧﻪ ﭘﻲ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﻲ. ﺟﻤﻌﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﻋﺎﺟﺰي ﺳﺎن وراﮢﻴﻨﺪو ﮬﻴﻮ اﺑﺎ ﭼﮝﻮ ﭤﺎ ﻛﻦ ،ﮬﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﮭﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﮬﻜﮍو ﻓﺎﺋﺪو اﮬﻮ ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﺟﻴﻜﻲ روزا ﻧﭥﺎ رﮐﻦ اﮬﻲ ﺑﻪ ﺑﮏ ﮐﺎن روزا رﮐﮡ ﺷﺮوع ﻛﻨﺪا. ﮬﻲ ﺳﭛ واﭘﺎري ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺣﺎﺟﻲ ﺳﮙﻮرا اﭤﺌﻲ اﻧﮭﻦ ﮐﻲ ﺣﻜﻢ ﭤﻴﻮ آﮬﻲ ﺗﻪ ﻣﮭﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﺌﻴﻦ ﺳﭵﻲ ﺧﻠﻖ روزا رﮐﻲ.