Aqeeda 1

  • Uploaded by: Sajidi
  • 0
  • 0
  • April 2020
  • PDF

This document was uploaded by user and they confirmed that they have the permission to share it. If you are author or own the copyright of this book, please report to us by using this DMCA report form. Report DMCA


Overview

Download & View Aqeeda 1 as PDF for free.

More details

  • Words: 2,543
  • Pages: 8
‫حيم‬ ‫ن الَّر ِ ۡ‬ ‫سم ِ اللهِ ال َّ ۡ‬ ‫بِ ۡ‬ ‫رحمٰ ِ‬ ‫درس ‪1‬‬

‫دين اسلم ۽ سندس تعليمات‬ ‫جو تعارف‬ ‫دين‪:‬‬ ‫تعالي جي طرفان‪،‬‬ ‫ٰ‬ ‫الله تبارڪ و‬ ‫انبياءَ عليهم السلم ذريعي‪،‬‬ ‫ڪامياب زندگي گذارڻ خاطر‪،‬‬ ‫انسانن لءِ موڪليل‪،‬‬ ‫هدايت (‪ )Guideline‬کي دين چئجي ٿو‪.‬‬ ‫ن اسلم‪:‬‬ ‫دي ِ‬ ‫الله تبار ڪ و تعالى جي طرفان‪ ،‬حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ و آلہٖ وسلم تي نازل ڪيل‬ ‫دين ۽ شريعت جو نالو اسلم آهي‪.‬‬ ‫اسلمي تعليمات‪:‬‬ ‫سعادت واري (ڪامياب ) زندگي گذار ڻ يعني غلطين کان بچ ڻ لء ِ انسان جون ٽي شيون‬ ‫درست هُجڻ لزمي آهن‪:‬‬ ‫انسان جي سوچ درست هُجي‪،‬‬ ‫ڪم صحيح هُجن‪،‬‬ ‫۽ عادتون ڀليون هُجن‪.‬‬ ‫جيئن ته اسلم‪ ،‬انهن ٽنهي شعبن ۾ انسانن جي رهنمائي ڪري ٿو‪ ،‬ان ڪري اسلمي‬ ‫تعليمات پ ڻ ٽن حصن۾ ورهائجي ٿي‪:‬‬ ‫(‪ )1‬عقيدا‪:‬‬ ‫انسان جي جنهن سوچ جو تعلق سعادت سان آهي‪ ،‬انکي درست ڪ ر ڻ ۽ درست حالت۾‬ ‫باقي رکڻڻ خاطر اسلم ڪ جهه عقيدا بيان ڪ ري ٿو‪ ،‬جن تي ايمان سان انسان سوچ ۾‬ ‫غلطي کان بچي وڃي ٿو آهي‪.‬‬ ‫(‪ )2‬اَح ڪام‪:‬‬ ‫انسان جي جن ڪمن جو تعلق سعادت سان آهي‪ ،‬انهن سڀني کي صحيح ڪر ڻ ۽ صحيح‬ ‫حب‪ ،‬مڪروه ۽۽ مباح)‬ ‫حالت ۾ باقي رک ڻ خاطر‪ ،‬اسلم پنهنجي رهنمائي (واجب‪ ،‬حرام‪ ،‬مست َ َ‬ ‫بيان ڪ ري ٿو‪ ،‬جن تي عمل ڪ ر ڻ سان انسان انهن عملن۾ غلطيءَ کان بچي وڃي ٿو‪.‬‬ ‫(‪ )3‬اَخلق‪:‬‬ ‫انسان جي جن عادتن جو تعلق سعادت سان آهي‪ ،‬انهن کي ڀلو ڪ ر ڻ ۽ ڀلي حالت۾ باقي‬ ‫رک ڻ خاطر اسلم ڪجهه اخلقي هدايتون بيان ڪري ٿو‪ .‬جن کي پنهنجي اندر پيدا ڪري‪،‬‬ ‫انسان پنهنجون عادتون ڀليون ڪري سگهي ٿو‪.‬‬ ‫اسلم جو مثالي انسان‪:‬‬ ‫اسلم پنهنجي تعليمات ذريعي هڪ مثالي ۽ ڪامياب انسان ٺاهڻ چاهي ٿو‪ ،‬جنهن جا ‪:‬‬ ‫_ عقيدا درست هجن‪ ،‬ته جيئن سوچ صحيح هجيس‪.‬‬ ‫_ عمل ٺيڪ هجن‪ ،‬ته جيئن عمل ۾ ڪا غلطي نه هجي‪.‬‬ ‫_ ۽ اخلق ڀلو هجي ته جيئن سندس عادتون چڱيون ٿين‪.‬‬ ‫بنيادي عقيدا‪:‬‬

‫هر ٻار جڏهن وڏ و ٿي عقل جي منزل ۾۽ قدم رکي ٿو ته سندس ذهن ۾۽ خودبخود ڪجھ‬ ‫سوال اڀرن ٿا ته‪:‬‬ ‫•مان ڪٿان آيو آهيان! يعني منهنجو خالق ڪير آهي؟‬ ‫•مان ڇو خلقيو ويو آهيان! يعني منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟‬ ‫•مان ڪٿي آهيان! يعني دنيا جي حقيقت ڇا آهي؟‬ ‫•مان ڪيڏانهن ويندس! يعني آخرت ڇا آهي؟‬ ‫انهن فطري سوالن جا جواب ڏي ڻ لءِ اسلم پنج بنيادي عقيدا بيان ڪري ٿو‪ ،‬جن کي‬ ‫”اصول دين “پڻ چيو ويندو آهي‪:‬‬ ‫مبداء شناسي‪:‬‬ ‫عدل‬ ‫(‪)2‬‬ ‫(‪)1‬توحيد‬ ‫راه شناسي‪:‬‬ ‫امامت‬ ‫( ‪)4‬‬ ‫نبوت‬ ‫(‪)3‬‬ ‫معاد شناسي‪:‬‬ ‫قيامت‪.‬‬ ‫(‪)5‬‬ ‫(تفصيل عقائد جي حصي ۾ پڙهندا)‬ ‫بنيادي اح ڪام‪:‬‬ ‫ڪامياب زندگيء َ خاطر اسلمي حڪ م زندگي جي هر عمل ۾ رهنمائي مهيا ڪ ن ٿا‪ .‬اسلم‬ ‫فرد ۽ معاشري تي جيڪ ي اهم فرض لڳ و ڪري ٿو‪ ،‬انهن مان مشهور ‪ 10‬آهن‪ ،‬جن کي‬ ‫”فروع دين“ چوندا آهن‪.‬‬ ‫روحاني ڪمال حاصل ڪرڻ ۽ معاشري کي پڻ روحاني بنيادن تي قائم ڪرڻ لءِ اسلم ڪجھ‬ ‫عبادتون فرض ڪيون آهن ‪ ،‬انهن مان اهم عبادتون ٽي آهن‪:‬‬ ‫(‪ )3‬حج‬ ‫(‪ )2‬روزو‬ ‫(‪ )1‬نماز‬ ‫روحاني ڪمال حاصل ڪر ڻ ۽ معاشري جون اقتصادي ضرورتون پوريون ڪر ڻ لءِ اسلم‬ ‫ڪجھ اقتصادي عبادتون فرض ڪيون آهن‪ ،‬جن مان اهم ٻه آهن‪:‬‬ ‫(‪ )5‬خمس‬ ‫(‪ )4‬ز ڪواة‬ ‫الله تعالى جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ ‪ ،‬انکي بيروني ۽ اندروني خطرن کان بچائ ڻ لءِ‪،‬‬ ‫اسلم ڪجھ فرض لڳو ڪيا آهن‪ ،‬جن مان اهم ٽي آهن‪:‬‬ ‫(‪ )8‬نهي عن المن ڪر‬ ‫(‪ )7‬امر بالمعروف‬ ‫(‪ )6‬جهاد‬ ‫اسلمي معاشرو ٺاه ڻ ۽ برقرار رک ڻ لءِ دين ڪج ھ فرض لڳ و ڪيا آهن‪ ،‬جن مان اهم ٻه‬ ‫آهن‪:‬‬ ‫(‪ )10‬برائت‪.‬‬ ‫(‪ )9‬وليت‬ ‫(تفصيل احڪام جي حصي ۾ پڙهندا)‬

‫بنيادي اخلق‪:‬‬ ‫انسان وٽ عقل‪ ،‬وهم‪ ،‬خواهش ۽ غضب نالي چار روحاني توانايون موجود آهن‪.‬‬ ‫جي ڪڏهن عقل صحيح ڪم ڪ ري ته انسان۾ ” ڏاهپ“ پيدا ٿيندي‪.‬‬ ‫جي ڪڏهن وهم جي قوت تي عقل غالب هجي ته انسان۾ ”عدالت“ پيدا ٿيندي‪.‬‬ ‫عفت“ پيدا ٿيندي‪.‬‬ ‫جي ڪڏهن خواهش جي قوت تي عقل غالب هجي ته انسان۾ ” ِ‬ ‫”شجاعت“ پيدا ٿيندي‪.‬‬ ‫َ‬ ‫جي ڪڏهن غضب جي قوت تي عقل غالب هجي ته انسان۾‬ ‫اهڙي طرح انهن بنيادي اخلقي صفتن مان وري ٻيون اخلقي صفتون پيدا ٿينديون ۽‬ ‫انسان جا سڀئي اخلق ڀل ٿي پوندا‪.‬‬ ‫(تفصيل اخلق جي حصي ۾ پڙهندا)‬

‫هي ُء جيئن ته عقيدن جو ڪتاب آهي انڪري هتي صرف بنيادي ۽ ابتدائي عقيدا بيان ڪيا‬ ‫ويندا‪.‬‬

‫عقيدو‪:‬‬

‫”عقيدو“ عربي زبان جي لفظ‬

‫”عَقد“‬

‫مان نڪتل آهي‪ ،‬جنهن جي معنى آهي ڳنڍ۽ “‬

‫‪ .”Node‬عقيدو اهڙين نظرين ۽ سوچن کي چئبو آهي جن جي مضبوط ڳن ڍ انسان جي‬ ‫ذهن سان ٻڌل هجي ۽ اهي خود بخود ذهن کان جدا نه ٿين‪.‬‬

‫درس ‪2‬‬

‫الله تعالى جي معرفت‬ ‫الله تعالى جي معرفت کي اسان پنجن حصن ۾ بيان ڪندا سين‪:‬‬ ‫(‪)1‬الله تعالى جو وجود‬ ‫(‪)2‬الله تعالى جون صفتون‬ ‫(‪)3‬الله تعالى جي هيڪڙائي (توحيد)‬ ‫(‪)4‬الله تعالى سان شرڪ‬ ‫(‪)5‬الله تعالى جي حڪمت ۽ عدل‬

‫الله تعالى جو وجود‬

‫خمسہ ذريعي محسوس نٿو ڪري سگھجي‪ ،‬البت عقل‬ ‫الله تعالى جي وجود کي حواس َ‬ ‫سندس اثرات کي ڏسي الله تعالى جي وجود کي ثابت ڪري ٿو‪ .‬اهڙي قسم جو هڪ عقلي‬ ‫دليل اسان هتي بيان ڪريون ٿا‪:‬‬ ‫عقلي قاعدو‪:‬‬ ‫عقل فيصلو ڪري ٿو ته‪:‬‬ ‫” جيڪا شيءِ نه هُجي ته اها وجود ۾ اچڻ لءِ‪ ،‬وجود عطا ڪندڙ جي محتاج آهي‪“ .‬‬

‫جي ڪا شيءِ نه هج ڻ کان پوءِ وجود ۾ اچي ان کي مخلوق (خلق ٿيل) چئبو آهي ۽ وجود‬ ‫ڏيند ڙ کي خالق چئبو آهي‪ .‬انڪري اسان مٿئين قاعدي کي مختصر لفظن ۾ هن طرح پڻ‬ ‫بيان ڪري سگھون ٿا ته‪:‬‬ ‫”مخلوقَ‪ ،‬خالق جي محتاج آهي‪“ .‬‬ ‫ء مثال‪:‬‬ ‫عقلي قاعدي کي سمج ھڻ ل ِ‬ ‫•گھر مان ن ڪرندڙ دونهين کي ڏسي هر ڪو ما ڻ هو يقين سان چوندو ته گھر۾ باه‬ ‫پئي ٻري‪.‬‬ ‫•رستي تي پيرن جا نشان ڏسي پڪ ٿيندي آهي ته هتان ڪير گذريو آهي ‪.‬‬ ‫•هلند ڙ ڪار ۽ سائيڪ ل ڏسي يقين ٿيندو آهي ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٺاهيو‬ ‫آهي ‪.‬‬ ‫جيڪڏهن ڪير چوي ته گھ ر ما ن دونهون باه کانسواء ِ پيو نڪري‪ ،‬رستي تي پيرن جا نشان‬ ‫پا ڻ ئي ٺهي ويا آهن ۽ ڪار ۽ سائيڪ ل جو ڪ و به ٺاهيند ڙ ناهي ته هر ڪ و ان کي بي عقل‬ ‫چوندو‪.‬‬ ‫ڪائنات جو مشاهدو‪:‬‬ ‫جڏهن اسان ڪائنات جو مشاهدو ڪندا سين ته نظر ايندو ته ان جي هر شيءِ مخلوق‬ ‫آهي‪ ،‬مثل‪ :‬زمين‪ ،‬آسمان‪ ،‬حيوان‪ ،‬سج‪ ،‬چنڊ‪ ،‬تارا‪ ،‬درياءَ‪ ،‬وڻ ۽ جبل وغيره‪ ،‬جيئن ته‪:‬‬ ‫مرڪب آهن‪،‬‬ ‫ُ‬ ‫انهن ۾ حرڪت آهي‪،‬‬ ‫انهن۾ تبديلي اچي ٿي‪،‬‬ ‫۽ انهن تي زوال اچي ٿو‪.‬‬ ‫ان مان ثابت آهي ته اهي نه هيا‪ ،‬پوءِ موجود ٿيا آهن يعني مخلوق آهن‪.‬‬

‫الله تعالى جي وجود تي دليل‪:‬‬ ‫ها ڻ ي اسان مٿئين مشاهدي ۽ ٻڌايل قاعدي کي پا ڻ۾ مليون ٿا‪:‬‬ ‫”ڪائنات مخلوق آهي‪“.‬‬ ‫اسان جو مشاهدو‪:‬‬ ‫”مخلوقَ‪ ،‬خالق جي محتاج آهي‪“ .‬‬ ‫عقلي قاعدو‪:‬‬ ‫ان فڪر جو نتيجو هيءُ آهي ته ڪائنات هڪ خالق جي محتاج آهي‪ .‬سموري ڪائنات جي‬ ‫خالق کي ”الله“ چيو ٿو وڃي‪.‬‬ ‫الله تعالى جي وجود تي اعتراض‪:‬‬ ‫اعتراض ‪:1‬‬ ‫جيڪڏهن الله موجود آهي ته اسان کي ڏيکاريو‪ ،‬جيڪ ا شيءِ نظر نه اچي‪ ،‬ان کي اسان‬ ‫ڪيئن مڃون؟‬ ‫جواب‪:‬‬ ‫حواس‬ ‫اسان پنهنجي زندگي ءَ ۾ ڪيترين ئي اهڙين شين کي تسليم ڪندا آهيون‪ ،‬جيڪ ي َ‬ ‫خمس ہ (ڏسڻ ‪،‬ٻڌڻ ‪ ،‬چک ڻ ‪ ،‬سنگھڻ ۽ ڇهڻ)۾ نٿيون اچن‪ ،‬مثال طور‪:‬‬ ‫َ‬ ‫عقل‪ ،‬علم‪ ،‬خوف‪ ،‬خوشي ‪ ،‬غم ۽ نفرت وغيره‬ ‫اهي شيون موجود آهن پر حواس خمس ہ ۾ نٿيون اچن‪ ،‬البت سندن اثرات کي ڏسي عقل‬ ‫سندن موجودگيءَ جي خبر ڏئي ٿو‪ .‬اهڙ ي طرح الله تعالى به موجود آهي‪ ،‬پر حواس‬ ‫خمسہ ۾ نٿو اچي‪ ،‬البت سندس اثرات کي ڏسي‪ ،‬عقل سندس وجود کي ثابت ڪري ٿو‪.‬‬

‫اعتراض ‪:2‬‬ ‫تعالي جو خالق ڪير آهي؟‬ ‫ٰ‬ ‫جيڪڏهن هر شيءَ‪ ،‬خالق جي محتاج آهي‪ ،‬ته پوءِ الله‬ ‫جواب‪:‬‬ ‫ء خالق جي محتاج آهي‪ ،‬بلڪ عقل چوي ٿو ته جي ڪا‬ ‫عقل اهو فيصلو نٿو ڪري ته هرشي ِ‬ ‫ء موجود ٿئي ته ان لءِ خالق ضروري آهي‪ .‬انڪري جيڪ ا شيءِ نه‬ ‫ء نه هجي پو ِ‬ ‫شي ِ‬ ‫هج ڻ مان موجود نه ٿي هجي‪ ،‬بل ڪ هميش ہ موجود هجي ته ان کي خالق جي ڪ ا ضرورت‬ ‫ناهي‪.‬‬ ‫الله تعالي ٰ ه ڪ اهڙ و موجود آهي‪ ،‬جنهن جو وجود هن جو پنهنجو آهي‪ ،‬ڪنهن ٻئي هن کي‬ ‫وجود نه ڏنو آهي‪ ،‬انڪري هميشہ موجود آهي ۽ هن کي ڪنهن خالق جي ضرورت ناهي‪.‬‬

‫درس ‪3‬‬ ‫پهريون موجود‬ ‫سموري ڪائنات جو سرچشمو يعني ”الله“ ”پهريون“ “موجود““ آهي ۽۽ ٻيا سڀ‬ ‫موجودات ان جا ئي خلقيل آهن‪ .‬عقل مطابق پهرئين موجود جون ڪجھ۽ لزمي‬ ‫خصوصيتون ٿينديون آهن‪ .‬جيڪي هن ريت آهن‪:‬‬ ‫مستقل (‪)Self sufficient‬آهي ۽ محتاج ناهي‪:‬‬ ‫‪)1‬وجود ۾ محتاج ناهي‪ :‬يعني سندس وجود پنهنجو هوندو ۽ ڪنهن ٻئي هنکي‬ ‫وجود نه ڏنو هوندو‪.‬‬ ‫ٻي صورت ۾ هو پهريون موجود نه ٿيندو‪ .‬جنهنجو وجود پنهنجو هجي انجو هجڻ‬ ‫لزمي هوندو آهي انڪري انکي ”واجب الوجود“ پڻ چيو ٿو وڃي‪.‬‬ ‫‪)2‬صفات ۾ محتاج ناهي‪ :‬يعني سندس سموريون صفتون (ڪمالت) پنهنجون‬ ‫هونديون ۽ ڪنهن ٻئي هنکي نه ڏنيون هونديون‪.‬‬ ‫ٻي صورت ۾ يا ته هو پهريون موجود نه هوندو يا وري پنهنجي مخلوق جو محتاج‬ ‫ٿي پوندو‪ ،‬جيڪو محال آهي‪.‬‬ ‫ازلي ۽ ابدي‪:‬‬ ‫‪)1‬سندس ڪا ابتدا ناهي(ازليت)‪:‬‬ ‫جيڪڏهن ابتدا رکندڙ۽ هوندو ته يقيني طور ڪنهن ٻئي جي مخلوق هوندو ۽۽ اول‬ ‫موجود نه هوندو‪.‬‬ ‫‪)2‬سندس ڪا انتها ناهي(ابديت)‪:‬‬ ‫ڪنهن موجود لءِ انتها ان ڳالهه جو دليل آهي ته کيس ڪنهن ٻئي وجود ڏنو هيو‪،‬‬ ‫جيڪو هاڻي واپس ورتو ويو آهي‪.‬‬ ‫جيڪڏهن وجود سندس پنهنجو هجي ها ته ان کان ڌار نه ٿي سگھي ها‪.‬‬

‫مطلَق‪:‬‬ ‫ڪمال ُ ۡ‬ ‫هن ۾ ڪمال جون سڀ صفتون لمحدود پيماني تي موجود آهن‪.‬‬ ‫جي ڪ ي ڪ مالت مخلوق ۾ محدود پيماني تي موجود آهن‪ ،‬اهي يقيني طور انجي خالق۾‬ ‫اتم ۽ اعلى پيماني تي موجود هوندا آهن‪.‬‬ ‫نقص جي ا ڻاٺ‪:‬‬ ‫هن ۾ ڪنهن به ڪمال جي ڪمي ناهي‪.‬‬ ‫جيئن ته الله تعالى صرف ”موجود“ آهي انڪري ڪا حد ۽ نقص نٿو رکي‪.‬‬

‫درس ‪4‬‬ ‫الله تعالي ٰ جون صفتون‬ ‫صفات ثُبُوت ِ َّيہ چيو ويندو آهي ۽ الله‬ ‫الله تعاليٰ ۾ ڪمال جون سڀئي صفتون آهن‪ ،‬انهن کي ِ‬ ‫َ‬ ‫سلب ِ ّيہ چيو ويندو‬ ‫تعالي ٰ ۾ نقص ۽ محتاجيءَ واري ڪ ا به صفت ناهي‪ ،‬انهن کي صفات‬ ‫َ‬ ‫آهي‪.‬‬

‫صفات ثُبوتي ہ‪:‬‬

‫تعالي وٽ ڪمال ۽ جمال جون سڀئي صفتون لمحدود پيماني تي موجود آهن‪ ،‬انڪري‬ ‫ٰ‬ ‫الله‬ ‫کيس ” الله“ يعني سڀني ڪمالن جو مال ڪ چيو وڃي ٿو‪ .‬اِنهن مان مشهور ا َٺ صفتون‬ ‫آهن‪:‬‬ ‫(‪)1‬قديم‪:‬‬ ‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ زماني جي حد بندين کان مٿاهون آهي يعني ” زماني موجود ناهي “‪.‬‬ ‫انڪري ازلي ۽ ابدي آهي ‪،‬اول ۽ آخر آهي‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬الله تعالى جيئن ته پهريون موجود آهي ۽ زمانو سندس ئي مخلوق آهي‪ ،‬انڪري زماني‬ ‫جي حدبندين کان مٿاهون آهي‪.‬‬

‫(‪)2‬قادر‪:‬‬ ‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو يعني چاهي ته ڪري چاهي ته نه ڪري‬ ‫‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽۽ هر خالق پنهنجي مخلوق تي‬ ‫هرطرح جي قدرت رکندو آهي‪.‬‬ ‫(‪)3‬عالِم‪:‬‬ ‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو يعني هر شيءِ هن وٽ حاضر آهي ‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬الله کانسواء ِ هر شيء ِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق جي هر‬ ‫شيءِ ڄاڻندو آهي‪.‬‬ ‫ح ُّ‬ ‫ي‪:‬‬ ‫(‪َ )4‬‬

‫وصف‪ “:‬الله تعالي ٰ حيات نالي ه ڪ ڪمال رکي ٿو‪ ،‬جنهن جي نشاني علم ۽ قدرت‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬سندس لمحدود علم ۽ قدرت سندس لمحدود حيات جي خبر ڏين ٿا‪.‬‬ ‫ر ڪ‪:‬‬ ‫(‪ُ )5‬‬ ‫مد ۡ ِ‬ ‫وصف‪:‬الله تعالي ٰ بغير ڪنهن وسيلي (مثل‪ :‬حواس خمسہ۽ وغيره) جي هر شيءِ کي درڪ‬ ‫(معلوم) ڪري ٿويعني ڏسي ۽ ٻڌي ٿو‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬جيئن ته آواز ۽ رنگ الله جي مخلوق آهن ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق جي هر‬ ‫شيءِ ڄاڻندو آهي‪.‬‬ ‫مريد‪:‬‬ ‫(‪ُ )6‬‬ ‫وصف‪ :‬الله تعالي ٰ صرف پنهنجي ارادي سان ڪم ڪري ٿو يعني مجبور ناهي‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽ ڪا به مخلوق پنهنجي خالق تي ڪا‬ ‫به قدرت نه رکندي آهي‪.‬‬ ‫مت َ“ ڪَ“““ل ِّم‪:‬‬ ‫(‪ُ )7‬‬ ‫وصف‪ :‬الله تعالي ٰ جنهن به شيء ِ ذريعي چاهي مخلوق سان ڳالهائي سگھ ي ٿو يعني ان‬ ‫شيءِ مان آواز پيدا ڪري سگھي ٿو‪.‬‬

‫دليل‪ :‬الله کانسواء ِ هر شيء ِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق تي هر‬ ‫طرح جي قدرت رکندو آهي‪.‬‬ ‫(‪)8‬صاِدق‪:‬‬ ‫تعالي صرف سچ ۽ حقيقت ئي بيان ڪريٿو‪.‬‬ ‫ٰ‬ ‫وصف‪ :‬الله‬ ‫دليل‪ :‬ڪوڙ برائي يا محتاجيء َ جي نشاني آهي ۽ الله ۾ نه ئي ڪا برائي آهي نه وري‬ ‫محتاجي‪.‬‬

‫سل ہب ِ َّ۽ي۽۽‬ ‫صفات َ‬

‫سبحان“ چيو ٿو وڃي‪،‬‬ ‫الله تعاليٰ ۾ عيب ۽ نقص واري ڪا به صفت ناهي‪ ،‬انڪري کيس ” ُ‬ ‫َ‬ ‫يعني هر عيب ۽ نقص کان ” پا ڪ“ ‪ .‬جن صفتن کان الله پاڪ آهي انهن مان مشهور اٺ‬ ‫آهن‪.‬‬ ‫َ‬ ‫ڪب ناهي‪:‬‬ ‫مَر ّ‬ ‫(‪ُ )1‬‬ ‫وصف‪:‬‬ ‫” الله تعاليٰ جي ذات ڪجھه جزن سان ملي ٺهيل ناهي‪“ .‬‬ ‫دليل‪:‬‬ ‫جيڪڏهن هن جي ذات جا جز(حصا) هجن ته پوٰء ِ هو انهن جو محتاج ٿيندو‪ ،‬محتاجي هڪ‬ ‫تعالي هر نقص کان پاڪ آهي ‪.‬‬ ‫ٰ‬ ‫نقص آهي ۽ الله‬ ‫ج َّ‬ ‫سم ناهي‪:‬‬ ‫م َ‬ ‫(‪ُ )2‬‬ ‫وصف‪:‬‬ ‫تعالي جسم (‪ )Body‬نٿو رکي‪“ .‬‬ ‫ٰ‬ ‫” الله‬ ‫دليل‪:‬‬ ‫جيئن ته جسم مخلوق آهي‪ ،‬مرڪب‪ ،‬محدود ۽ تبديل ٿيندڙ آهي ۽ اهي سڀ نقص آهن‬ ‫جڏهن ته الله تعاليٰ هر نقص کان پاڪ آهي‪.‬‬ ‫مر ۡئِي ناهي‪:‬‬ ‫(‪َ )3‬‬ ‫وصف‪:‬‬ ‫” الله تعالي ٰ کي اکين سان هر گز نٿو ڏسي سگھجي‪ ،‬نه دنيا۾ ۽ نه ئي آخرت ۾‪“ .‬‬ ‫دليل‪:‬‬

‫جيئن ته اکين ذريعي اهائي شيءِ ڏس ڻ ۾ ايندي آهي جيڪ ا مجسم ۽ محدود هجي ۽‬ ‫روشني ان سان ٽڪرائجي اکين تائين موٽي‪ .‬الله تعاليٰ مجسم ۽ محدود ناهي‪ ،‬انڪري‬ ‫مرئي به ناهي‪.‬‬ ‫َ‬ ‫(‪)4‬هن جو شري ڪ ناهي‪:‬‬ ‫وصف‪:‬‬ ‫” الله تعاليٰ جهڙو ٻيو ڪو به ناهي‪ ،‬نه ئي وري ٿي سگھي ٿو‪“ .‬‬ ‫دليل‪:‬‬ ‫هن جي وضاحت الله تعالي ٰ جي توحيد واري بحث۾ ايندي‪.‬‬ ‫(‪)5‬م ڪان نٿو رکي‪:‬‬ ‫وصف‪:‬‬ ‫تعالي جيئن زماني (‪ )Time‬جي حد بندين کان مٿاهون آهي‪ ،‬ائين ئي مڪان (‬ ‫ٰ‬ ‫” الله‬ ‫‪ )Place‬جي ضرورت کان به پاڪ آهي‪“ .‬‬ ‫دليل‪:‬‬ ‫مڪان جي ضرورت ان موجود کي ٿئي ٿي‪ ،‬جيڪ و مجسم هجي‪ ،‬الله تعالي ٰ جيئن ته‬ ‫مجسم ناهي انڪري ”لم ڪان“ آهي‪.‬‬ ‫ل حوادث ناهي‪:‬‬ ‫(‪َ )6‬‬ ‫مح ۡ ِ‬ ‫الله تعالي ٰ اهڙو موجود ناهي جنهن۾ تبديليون (حوادث) اچن‪.‬‬ ‫تبديلي جيڪڏهن ڪنهن ڪامل موجود ۾ ايندي ته انکي ناقص ڪندي پر جيڪڏهن ناقص‬ ‫موجود ۾ ايندي ته يا ته انکي وڌيڪ ناقص ڪندي يا ڪامل ڪندس‪ .‬جڏهن ته الله ۾ ڪو‬ ‫به نقص ناهي جو انکي ڪمال ملي‪ ،‬نه ئي وري سندس ڪ و ڪمال اهڙ و آهي جيڪو‬ ‫ختم ٿي سگھي‪ .‬انڪري الله تعاليٰ جي ذات ۾ ڪابه تبديلي ۽ نواڻ نٿي اچي‪.‬‬ ‫حلُول نٿو ڪري‪:‬‬ ‫(‪ُ )7‬‬ ‫وصف‪ :‬الله تعالي ٰ ڪ نهن به شيءِ۾ سمائجي نٿو‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬جيڪا شيءِ جنهن شيءِ ۾ سمائبي ته انجي محتاج ٿي پوندي ۽ الله محتاج ناهي‬ ‫‪.‬‬ ‫(‪)8‬صفتن ۽ ذات ۾ ٻيائي ناهي‪:‬‬ ‫ت ذات (قديم‪ ،‬قادر‪ ،‬عالم‪ ،‬حي ۽ مريد ) ۽ الله جي ذات ٻه‬ ‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ جون صفا ِ‬ ‫شيون نه آهن هڪ ئي شيءِ آهي يعني صفتون هن جي عين ذات آهن‪.‬‬ ‫دليل‪ :‬ڇو ته پوء ِ الله مرڪ ب ٿي پوندو ۽ الله مرڪب ناهي‪ .‬ان جو تفصيل توحيد جي‬ ‫بحث۾ ايندو‪.‬‬

Related Documents

Aqeeda 1
April 2020 18
Aqeeda Muwahideen
May 2020 14
Aqeeda Manhaj
November 2019 21
Aqeeda Wasatiya
May 2020 15
Aqeeda Toheed & Soofiat
November 2019 8

More Documents from ""

Aqeeda 1
April 2020 18